شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اها پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري، پ??ڪستان کي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي، عالمي مالياتي ادارا پاڪستان کي قرضن ۾ ڇوٽ ڏين جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري جيڪا تباهي پاڪستان ۾ ٿي اها پاڪستان تائين ??حدود نه رهندي، ٻوڏ سان ??سا?? جي سماجي ۽ اقتصادي نظام کي شديد نقصان پهتو آهي، دنيا پاران تباهي ۽ نقصانن جو ازالو واحد اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پويلين ۾ يو اين ڪلائمينٽ چينج ڪانفرنس ڪوپ – 27 جي موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طا?? ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ??طا?? ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته هن ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، ٻوڏ سان پاڪستان ۾ فصل، ماڻهن جي روزگار ۽ زندگي جي نظام کي شديد نقصان پهتو ۽ ماڻهن جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو، مون ماڻهن کي هڪ ٻئي جي مدد ڪندي ڏٺو، پ??ڪستان جي عوام جا حوصلو، همت، ۽ فراخدلي ساراهه جوڳي آهي، پ??ڪستان جي عوام جي فراخدلي جي مون کي اڳ ۾ ئي خبر آهي، پ??ڪستاني عوام پاران لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني وسارڻ جوڳي نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، پ??ڪستان عالمي برادري جي ڀرپور مدد جو مستحق آهي ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي مدد جي ضرورت آهي، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اها پاڪستان جي هن صورتحال ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي عمل جي لاءِ وڏي پئماني تي ڀرپور امداد ڪري، ان حوالي سان تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، تباهي ۽ نقصان جي ازالي جي حوالي سان ڪوپ – 27 کي واضح روڊ ميپ ٺاهڻ گهرجي، ان سان پاڪستان کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي، پ??ڪستان کي مشڪل مان ڪڍڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، موسمياتي تبديلي جي شديد اثرن کان متاثر پاڪستان کي قرضن ۾ ڇوٽ جي به ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جهڙن متاثر ملڪن کي قرضن جي واپسي جي حوالي سان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي شڪل ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، عالمي مالياتي ادارن کي گهرجي ته اهي پاڪستان کي قرضن ۾ ڇوٽ ڏين، پ??ڪستان سميت قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان متاثر ملڪن جي رعايتي فنانسنگ ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته جي – 20 ملڪ ان حوالي سان قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري پاران ڀرپور امداد جو مستحق آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان موجوده حالتن ۾ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان پويلين اچڻ تي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو ٿورائتو آهيان، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ بدترين تباهي پنهنجي اکين سان ڏٺي، توهان جي دوري ۽ همدردي جي جذبن کي سدائين ??اد رکيو ويندو، اهو ??سا?? جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته توهان بهتر ڄاڻو ٿا ته عالمي برادري جي طور تي ??سا?? هڪ نئين گرين ڊيل جي دهليز تي بيٺل آهيون جتان واپس وڃڻ ممڪن نه هوندو، توهان ڄاڻو ٿا ته پاڪستان جهڙا ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن چيو ته دنيا جي نقصانن ۽ تباهي جي ازالي لاءِ اهڙي قس?? جون ڪانفرنسون واحد اميد آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ لکين ??اڻهن کي سرديءَ جي موسم پناهه ۽ روزگار کانسواءِ گذارڻي پوندي جڏهن ته اهو انهن جو بنيادي حق آهي، عورتون ۽ ٻار به هاڻي پنهنجي بنيادي ضرورتن جي تحفظ لاءِ ??سا?? طرف ڏسي رهيا آهن جڏهن ته ڳوٺ بهتر مستقبل جا منتظر آهن ۽ اهڙي بحالي جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي جن جي ??سا?? ضمانت ڏيڻ کان قاصر آهيون، ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏين ??ڏين ڍنڍن جو منظر پيش ڪري رهيو آهي جتي لکين ??اڻهن کي فصل سان خوراڪ ملندي رهي آهي ۽ چوپايو مال لکين خاندانن جي ڪفالت جو ذريعو بڻجندو رهيو هوندو. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري اڃا به سوين ??ليون تباهه ٿيل آهن، 8000 ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستا لُڙهي ويا آهن، ٻوڏ وارو پاڻي نه نڪرڻ جي ڪري پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري صحت جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ??سا?? هنگامي قدم کنيا آهن، گڏيل قومن جي ادارن، صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن جا ٿورائتا آهيون جن ان وڏي چئليج کي منهن ڏيڻ ۾ ??سا?? جي مدد ڪئي آهي پر موسمياتي تباهي ??سا?? جي سماجي ۽ اقتصادي نظام کي شديد نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب ??سا?? جو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته ??سا?? جي بحالي جو سفر وڌندڙ قرضن، توانائي جي عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي، موافقت فنڊنگ تائين حقيقي پهچ نه هجڻ سان متاثر ٿيندو. هن چيو ته ??سا?? جي سماجي تحفظ جي پروگرام بي آءِ ايس پي 2.8 ملين غريب خاندانن ۾ 70 ارب رپيا (316 ملين آمريڪي ڊالر) جي رقم فوري طور تي ورڇ ڪئي، ??سا?? قومي امدادي ڪوششن جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا آهن ۽ بجيٽ جي سمورين ترجيحن کي متعين ڪيو آهي جن ۾ ترقياتي فنڊز به شامل آهن، ??سا?? توهان ۽ توهان جي ٽيم جي ڪوششن ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اپيلن کي ساراهيون ٿا پر لکين ??اڻهن کي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ اڃا تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته موسمياتي بحران ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان جي متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ??سا?? جو مقصد آهي ته ڪلائميٽ فنانس جا هدف حاصل ڪيا وڃن، ??سا?? موسمياتي ايجنڊا جي حوالي سان نقصان جي ازالي جا خواهشمند آهيون ۽ پراميد آهيون ته سمورا ملڪ ڪوپ – 27 جي اجلاسن ۾ انهي جذبي سان شريڪ ٿيندا ته سڀني جي لاءِ موسمياتي انصاف جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ان صورتحال کي مڪمل تباهي طرف نه وڃڻ گهرجي ۽ ??سا?? کي انهن حالتن ۾ هڪ عزم جي طور تي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي ڇو ته جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ ٿيو آهي اهو پاڪستان تائين ??حدود نه رهندو.