نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن ??اري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پا??ستان اقليتن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پا??ستان جي آئين ۾ انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه انهن کي برقرار رکيو آهي. مملڪتي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ آمريڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته پا??ستان جي پارليامينٽ اقليتن سميت سمورن شهرين جي انساني حقن جي تحفظ کي تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگي پا??ستان جي طاقت آهي ۽ مذهبي اقليتون پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ خدمتن ۾ انهن جي نمائندگي آهي، انهن کي سياسي طور تي ٺوس بڻ??ئڻ ۽ انهن جي نمائندگي وڌ??ئڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميرين جي خلافل مسلسل ڏاڍ عالمي برادري خاص طور تي آمريڪا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پا??ستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻو?? جي ڪري قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معاملن تي آمريڪا سان پا??ستان جي مسلسل رابطن کي ساراهيو.