اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيڻ ۾ عا??مي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي عا??مي اڳواڻن سان ان??ن جي رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. وز??را????م چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي عا??مي برادري پاران پاڪستان سان وڏي پئماني تي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا يڪجهتي جي ان اظهار کي عملي قدمن جي شڪل ڏي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي.