اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسي?? جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪما??ست??ن مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3?داد_وشال_پانڈا/117575.html">? آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ??رڪ?? ذريعي 100 ٽن امدادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ??رڪ?? ذريعي امدادي سامان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ??رڪ?? ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتو آهي.