نيوي??رڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ??ال??ي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن، ??ال??ي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص طور تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻ?? جي آواز جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورت?? جي صحت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوي??رڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي خطاب ۾ڪيو. تقريب جو انعقاد گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلا?? جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن پال??سي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻ?? جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عورتون تڪرارن ۽ بحران سان غيرمتناسب طور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن کي اصولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جرمني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلا?? جي لاءِ نيوي??رڪ ۾ موجود آهن.