نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري ر??يو?? آهن، متاثرين کي فوري طور تي 25، 25 هزار رپين ??ي مالي امداد ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نوشهره ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪئمپ جي دوري ??ي موقعي تي ??يو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ رهندڙ عورتن ۽ ٻارن کان کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ??يو. هڪ عورت ميٽرس جي عدم فراهمي جي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي کيس ميٽرس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ گڏ??ي متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آ??يو??. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي وفاقي حڪومت پاران 10، 10 لک رپين ??ي مالي امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته انشاءَ الله صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين ??ي مشڪلاتن جي خاتمي ۽ ملڪ جي لاءِ دعا پڻ ڪرائي.