اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي متحده عرب امارات جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي صدر شيخ خليفه بن زايد ??لنهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان، عوام ۽ متحده عرب امارات جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ خليفه بن زايد ??لنهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستاني عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چيو ته ??تحده عرب امارات جي اڳوڻي صدر جي وفات ٻنهي ملڪن جي لاءِ وڏو نقصان آهي ۽ هو پاڪستاني قوم جي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??اڪستان متحده عرب امارات جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، مرحوم شيخ خليفه بن زايد ??لنهيان جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ??براهيم سالم الزابي تعزيتي دوري تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته ??اڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، هن متحده عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي به ساراهيو.