اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، پنهنجي جوابدارن کي سڃاڻي ٿي، عمران صاحب! ڪوڙ ڳالهائڻ، ڌمڪي ڏيڻ ۽ گار ڏيڻ سان حقيقت نٿي لڪي سگهي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته عوام سڀ ڄاڻي ٿي، اصل معاشي تباهي، بي روزگاري ۽ بک جو جوابدار عمران خان آهي، هن پنهنجي ٽو??يٽ ۾ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ 2022ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران ملڪي ترقي جي حوالي سان انگن اکرن جو گراف به شيئر ڪيو، ان گراف موجب 2018ع ۾ ڊالر جي قيمت 116 روپيا هئي جيڪا 2022ع ۾ 189 روپيا ٿي وئي، قومي ترقي جي رفتار 6.1 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو (متوقع)، مهانگائي 3.9 سيڪڙو کان وڌي 13 سيڪڙو، غذائي مهانگائي 2.3 سيڪرو کان وڌي 15 سيڪڙو، آٽو 20 ڪلو 700 رو??ين مان وڌي 1100 روپيا، کنڊ في ڪلو 53 رو??ين کانو ڌي 90 روپيا، گيهه في ڪلو 151 رو??ين مان وڌي 470 روپيا، بجلي في يونٽ 11 رو??ين کان وڌي 25 روپيا، گئس 600 روپيا، ايم ايم بي ٽي يو کان وڌي 1400 روپيا، ايم ايم بي ٽي يو، يوريا ٻوري جي قيمت 1380 کان وڌي 1918 روپيا، (3 هزار رو??ين به وڪرو ٿي) مالي خسارو 2260 ار?? رو??ين کان وڌي 5600 ار?? روپيا (متوقع) واپاري خسارو 0.9 ار?? ڊالر کان وڌي 43 ار?? ڊالر، جي ڊي پي ۽ ٽيڪس جو تناسب 11.1 سيڪڙو کان وڌي 9.2 سيڪڙو، حڪومتي قرض 1947ع کان وٺي 2018ع تائين 24953 ار?? رو??ين کان وڌي ساڍا ٽن سالن ۾ 42745 ار?? روپيا، بي روزگارن جو تع??اد 35 لک کان وڌي 95 لک ٿي ويو يعني ملڪ ۾ 60 لک بيروزگارن جو اضافو ٿيو، اهڙي طرح ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن تي اسپيشن انڊيڪس رينڪنگ 117 کان 140 ٿي، ڪرپشن ۾ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو، چار سالن ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ ماڻهن جي تع??اد ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن سميت 1.3 ڪروڙ ٻارن جو اضافو ٿيو.