لاهور – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي تعمير ۾ معاونت ڪندڙن دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي ڪمائي، اسپتال جي تعمير انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. هو لاهور ۾ ڪينال روڊ تي سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو. ان موقعي تي خواجه عمران نذير، چيئرمين سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال شهزاد سليم، ناليوارو صنعتڪار ميان منشا، ڪمشنر لاهور ڊويزن ڪيپٽن (ر) محمد عثمان يونس سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن مان هزارين ماڻهو ايندڙ ڏينهن ۾ ان اسپتال مان فائدو کڻندا، جديد اوزارن سان ليس ان اسپتال ۾ مستحق مريضن جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو. وزيراعظم چ??و ته گذريل حڪومت ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا دير جو شڪار ٿيا، اسان کي ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي قوم جي بهتري لاءِ سوچڻو پوندو، ملڪي وسيلن کي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي ور نه ٿو چاڙهي سگهجي، ورڇ جوڳي اوڳاڙين ۽ ٻاهرئين قرضن جي ادائيگي کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ محدود وسيلا رهجي وڃن ٿا، 20 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانس پلانٽ انسٽيٽيوٽ کي تعطل ۾ وڌو ويو. وزيراعظم چ??و ته ماضي ۾ انهن جي حڪومت 1122 منصوبي کي اختيار ڪيو، اسان جو فوڪس عوام جي ترقي ۽ خوشحالي هجڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته چئني صوبن ۾ اهڙين سهولتن سان ليس اسپتالون تعمير ڪيون وڃن، ميان محمد منشا هڪ ناليوارو صنعتڪار آهي، سندس وڏو احترام آهي. وزيراعظم چ??و ته ٽرسٽ جي چيئرمين سليم شهزاد جي والد مرحوم پڻ اسڪول ۽ هيلٿ يونٽ ٺاهيا، ڏکويل انسانيت ۽ مريضن جي لاءِ صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪري اهي ماڻهو جنت ۾ گهر ٺاهي رهيا آهن، جيڪو صدقه جاريه به آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته اربين رپيا خرچ ڪري پي ڪي ايل آئي اسپتال جي تعمير ڪئي وئي ۽ اسپتال ۾ ورلڊ ڪلاس مشينري فراهم ڪئي وئي، هتي پنجاب سميت سڄي ملڪ مان هزارين مريضن جو علاج مهيا ڪيو پئي ويو جيڪو سياست جي ور چڙهي ويو، حڪومت تبديل ٿيڻ کانپوءِ اها هڪ دردناڪ ڪهاڻي آهي، ڊاڪٽر سعيد اختر هڪ فرشته صفت انسان آهي، هتي ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي ڀڄايو ويو جنهن سان لکين مريضن جو نقصان ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چ??و ته ناليواري صنعتڪار ميان منشا جو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم رول آهي، هن پاڪستان ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي، هو ان کي تجويز ڏي ٿو ته اهڙي قسم جون 4 اسپتالون پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به ٺاهي جنهن تي ميان منشا وڌيڪ اسپتالون ٺاهڻ جي حامي ڀري. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جو افتتاح ڪيو ۽ اسپتال ۾ دل جي مرض، گڙدن، ڪينسر سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سان سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جي چيئرمين شهزاد سليم اسپتال جي ڊاڪٽرن، عملي ۽ مهمانن جو تعارف ڪرايو. سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال ڇهه منزلا عمارت جديد مشينري سان ليس 350 بسترن تي ٻڌل اسپتال تي ساڍا چار ارب رپيا لاڳت آئي آهي.