ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف اسلام آباد کان ڪراچي جي س??ر دوران جهاز ۾ ئي ڪراچي ۽ معيشت بابت اجلاس جي صد??رت ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم ??ڏام دوران ڪراچي ۽ معيشت بابت اجلاس منعقد ڪيو، جنهن جون تصويرن به شيئر ڪيون ويون آهن، مريم اورنگزيب ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان انشاءُ الله ايترو تيزي سان اڳتي وڌندو جو ان کي ”پاڪستان اسپيڊ“ چيو ويندو.