اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان بح??ين جي سندس هم منصب عبدالطيف الزي??ني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ا??ڻ تي بح??ين جي پرڏيهي وزير ??ا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزخيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خ??الن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بح??ين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بح??ين جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي حوالي سان معاملا پڻ بحث هيٺ آيا، بحريني پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزب??ني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??ا ٿورا مڃيا.