اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير ملڪي سيڙپڪار?? کي ملڪ جي آءِ سي ٽي س??ڪٽ?? ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولت فراهم ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي ۾ حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن جي پيش نظر ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، پاڪستا?? کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورت?? کي پورو ??رڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر اهي ڳالهيون ايوان صدر ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪي?? کي آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ شامل ??رڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيون. وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دئود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، اي ڪامرس بابت خاص مددگار سينيٽر عون عباس بپي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سيليڪون ويلي ۾ مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙ?? کي پاڪستان نيشنل سيمي ڪن??ڪٽ?? پلان (PNSP) جي ترقي تي اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيمي ڪن??ڪٽ??ز جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش ۽ امڪان آهن، شرڪت ڪندڙ?? کي ال??ڪٽ??ڪ گاڏين جون بيٽريون ٺاهڻ جا منصوبا، آئوٽ سورسڊ سيمي ڪن??ڪٽ?? اسيمبلي ٽيسٽ (OSAT) جي قيام ۽ لاڳاپيل صنعتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آءِ ٽي جي صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ پاڪستا?? کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورت?? کي پورو ??رڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وينچر ڪيپٽل ۽ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز کي متوجهه ??رڻ جي لاءِ اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور به ڏنو جنهن سان ملڪ جي اقتصادي ترقي کي تيز ??رڻ ۾ مدد مل??دي. هن لاڳاپيل حصيدارن تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي ڪمپنيون قائم ??رڻ جا خواهشمند سيليڪون ويلي آمريڪا جي پاڪستاني ڄائي آءِ ٽي ماهرن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. صدر آمريڪا ۾ رهندڙ آءِ ٽي ماهر?? کي ملڪ جي آءِ سي ٽي س??ڪٽ?? ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ??رڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.