اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساحلي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير س??د علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ عدنان اسد وزيراعظم کي بزنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پا??يسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??فاقي وزير س??د علي حيدر زيدي وزيراعظم کي ساحلي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ساحلي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.