اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن انڊونيشيا س??ن اسٽريٽجڪ حصيداري ??و خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏي??ي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ??ور??ن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪست??ن انڊونيشيا س??ن اسٽريٽجڪ حصيداري ??و خواهشمند آهي. پرڏي??ي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پرڏي??ي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪست??ن انڊونيشيا سان واپار، س??احت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ??و خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي س??ن او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پرڏي??ي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.