اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طارق علي بخيت او آءِ سي پاران مشڪل جي ان گ??ڙي ۾ افغان عوام جي ڀرپو?? مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ڪ??نفرنس افغانستان ۾ انساني بحران مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪ??دار رکندڙ هوندي?? ان ڏس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران افغانستان جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??نفرنس گهرائڻ جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا، هن پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ڪانفرنس جا ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿي، اهو ڪانفرنس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ڪ??نفرنس ان ڏس ۾ اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ ان انساني بحران جي حل لاءِ جامع ۽ ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ڪ??نفرنس طلب ڪئي وئي آهي?? ان ڪانفرنس ۾ ميمبرن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته او آءِ سي افغانستان جي ان نازڪ صورتحال جي حوالي سان گ??ڻي سنجيده ۽ پرعزم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس افغان عوام جي مشڪلاتون گ??ٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ او آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.