اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر موهن ويجي وڪرما سان م??اقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پ??ش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ??يو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ??يو ويو آهي. ان م??قعي تي سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ??ندي چيو ته سيالڪوٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر ??ه پوندا.