اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان افغانستان جي فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معاشي مدد تي ز??ر ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري ??ور??حال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم عمران خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي نمائندن ملاقات ڪئي. و??ير??عظم عمران خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت تي ز??ر ڏيندي اسلام آباد ۾ افغانستان جي ??ور??حال ۽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي نمائندن کي مبارڪباد ڏني. و??ير??عظم عمران خان پوري خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي ز??ر ڏنو. و??ير??عظم چيو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي ز??ر ڏيندو رهيو آهي ته افغانستان جو ڪو فوجي حل نه آهي، اهڙي طرح پاڪستان سمورين ڌرين جي شموليت تي ٻڌل سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، تبديل ٿيندڙ ??ور??حال جي ڏس ۾ و??ير??عظم شموليت، انساني حقن جي احترام ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پرعزم قدمن تي ز??ر ڏنو. و??ير??عظم گڏيل خدشن کي منهن ڏيڻ ۽ ٽرائيڪا پلس ملڪن جي گڏيل مفاد جي فروغ لاءِ افغانستان ۾ عالمي برادري جي عملي سوچ ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي ز??ر ڏنو. و??ير??عظم فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي معاشي مدد تي ز??ر ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري ??ور??حال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. و??ير??عظم ان ڏس ۾ ٽرائيڪا پلس جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.