اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ڪرغستان جي سفير توتايو والانبڪ اسان ڪولووڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اه?? علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪرغستا?? سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اه??يت ڏي ٿو، ٻئي ??لڪ مذهب، ٻڌي ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان ڪرغستا?? سان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي ف??وغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ رابطن جو فروغ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪندو، چين پاڪستان اقتصادي راهداري خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ثابت ٿيندي. هن چيو ته خطي جي ملڪن ۾ ويجها رابطا ۽ حصيداري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن ۾ ويجهي رابطن کي ف??وغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستا?? سان ويجهو هجڻ جي ڪري ڪرغستان وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان ٻاهر گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪرغستان جي سفير چيو ته سندس ??لڪ جا پاڪستا?? سان ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهي?? آهن، ڪرغستان پاڪستا?? سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.