اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ??ڪس??ان جو سڀ کان وڏو سرمايو باصلاحيت نوجوان آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار نوجو??نن جي ترقي تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ نوجو??نن جي معاملن بابت خاص مددگار عثمان ڊار، صوبائي وزيرن راءِ تيمور خان ڀٽي، راجا ناصر علي خان مقپون ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائي رهي آهي، ڪاميابي جو رستو جدوجهد جو رستو آهي، پ??ڪس??ان ۾ نوجو??نن جو تناسب وڌيڪ هجڻ ملڪ جي خوش قسمتي آهي. هن چيو ته ليڊر سدائين سچو ۽ ايماندار هوندو آهي، هن نوجو??نن تي زر ڏنو ته هو سچ جو رستو اختيار ڪن، هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪي روانگي واپار صرف 20 ارب ڊالر هو، حڪومت جي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي، پ??ڪس??ان وسيلن جي دولت سان مالا مال آهي اسان جو سڀ کانو ڏو سرمايو باصلاحيت افرادي قوت يعني نوجوان آهن،
ان موقعي تي خاص معاون عثمان ڊار ڪامياب جوان پروگرام تحت قائم ٿيل نيشنل يوٿ ڪائونسل ۽ نوجو??نن جي لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل يوٿ ڊولپمينٽ فريم ورڪ 6 شعبن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ سماجي تحفظ، معاشرتي اعتبار سان نظرانداز نوجو??نن کي قومي ڌارا ۾ واپس آڻڻ شامل آهي، صحت، نوجو??نن کي نظر ۾ رکندي اداره جاتي سڌارا، سوڪ انگيجمين?? به فريم ورڪ جو حصو آهن، ان کانسواءِ روزگار جا موقعا ۽ معاشي خودمختياري به فريم ورڪ جي 6 شعبن ۾ شامل آهي،
هن ٻڌايو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 2023ع تائين نوجو??نن ۾ معاشي خودمختياري ۽ يوٿ انٽرپرونيورشپ لاءِ 100 ارب روپيا ورهايا ويندا، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان هنرمند پروگرام تحت 2 لک نوجو??نن کي وظيفا ڏنا ويندا، ڪامياب جوان مرڪز، ٽيلنٽ هنٽ، راندين جي اڪيڊميز گرين يوٿ موومينٽ ۽ انوويشن ليگ به منصوبي جو حصو آهن، يوٿ ڪائونسل ۾ پوري ملڪ جي مخ??لف شعبن مان 33 نوجوان شريڪ آهن، نوجو??نن جي چونڊن ۾ ملڪ جي مخ??لف علائقن، ٽرانس جينڊرز، اقليتن، جسماني طور تي معذور ماڻهن، مرد ۽ عورتن جي برابر نمائندگي جو خاص خيال رکيو ويو آهي.