ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم ??هي?? ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده ??هي?? ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ جديد سرڪلر ريلوي جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??ن موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ ??هي?? سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو ??هي?? ڪراچي جي اهميت به اهڙي طرح آهي پر بدقسمتي س??ن ماضي ۾ جڏهن ڪراچي ترقي طرف گامزن ٿيو ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ??اهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪراچي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪراچي جي ترقي صرف ڪراچي جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ فائديمند ??هي?? هي اهڙو شهر آهي جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪي سي آر جو ??نصوبو سڄي ڪراچي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو ??هي?? ڪراچي جيڪو تيزي سان ??کڙجي رهيو آهي جو ??يو وڏو مسئلو پاڻي جي فراهمي جو آهي. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جو ??نصوبو وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪراچي ۾ پاڻي جو ??سئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود سنڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته بنڊل آءِ لينڊ جي منصوبي جو ??يهر جائزو وٺي، ??ن منصوبي سان ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چيو ته شهرن جي پکيڙ س??ن مختلف قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو ??هي?? لاهور کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڪراچي ۾ به منصوبن جي ضرورت ??هي?? اسان کي هاڻي ک??ن مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت مستقبل ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چيو ته بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان کي ان سيڙپڪاري جي سخت ضرورت ??هي?? وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو ??هي?? ڪراچي جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته وڏا منصوبا ان ??اءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇو ته انهن ۾ مشڪلاتون هونديون آهن ۽ سياسي حڪومتون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان ??اءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم ??هي?? اميد آهي ته سنڌ حڪومت به ڀرپور تعاون ڪندي. .