اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وب?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عمل ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اين سي او سي جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ڪورونا جي چوٿين لهر جو ڪاميابي ??ان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ ا??ان وٽ ڪورونا وائرس جي ??رح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??ڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، ا??ان ڪورونا وب?? جو به مقابلو ڪي?? ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪي??. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪي?? وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪورونا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي ??ڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ڪري ممڪن ٿيون آهن جنهن تي اين سي او سي جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.