اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رب??ني کر 30 جنو??ي ??ي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انس??ني حقن واري ڪائونسل ۾ پاڪست??ني وفد جي قيادت ڪندي. ا??ا ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ دوران ٻڌائي. هن چيو ته مملڪتي وزير انس??ني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستان جي قومي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. اهو پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران گذريل 5 سالن ۾ انس??ني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انس??ني حقن جي حوالي سان پاڪستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي. ا??ا ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته يونيورسل پيرياڊڪ ريويو 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو انس??ني حقن واري ڪائونسل جو هڪ اهم طريقيڪار آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن جي انس??ني حقن جي رڪارڊ جو هر چئن کان پنجن سالن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو.