اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٽي بي جي خاتمي لاءِ گلوبل فنڊ جي تجويز ڪيل قدمن تي موثر عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت معاشري جي سمورن طبقن کي معياري ۽ مناسب صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀ??پور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه مختلف اسرندڙ ملڪن ۾ مرضن جي خاتمي لاءِ صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گلوبل فنڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پيٽرز سينڊز جي قيادت ۾ اعليٰ عه??يدارن جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.