اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتار??ور لنگهه جي بي مثال منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه، ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير ڪيپٽن (ر) ??مر??ن??ر سنگهه ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو سميت ڀارت سميت سڄي دنيا مان بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرتار??ور آيل سک ياترين جو وڏو انگ پڻ ان موقعي تي موجود هو جن فراخدلاڻي انداز ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ دعائون ڪيون.