اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي ويندي?? احمد فراز جو ??ورو نالو سيد احمد شا??ه علي هو?? احمد فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو?? احمد فراز جو ??اڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد فراز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 و??ي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد احمد فراز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.