اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته تعميراتي شعبي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ۽ صنعت جو درجو ڏي?? سان ٻين صنعتن کي هٿي ملندي، وزيراعظم جو اهو قدم نئين اميد ۽ ترقي جو پيغام آهي، مزدور طبقي کان وٺي سيڙپڪار برادري سڀ ان مان فائدو کڻندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو ته فڪسڊ ٽيڪس جو مطالبو تسليم ڪندي سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو، تعميراتي شعبي جي فعال ٿي?? سان ٻين صنعتن کي نئين زن??گي ملندي جنهن ??ان هنرمند ۽ غيرهنرمند پورهيت فائدو کڻندا، پئڪيج ملڪ جي تعمير، عوام جي خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.