اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ڀا??را??ا لاڳاپا آهن، زندهه قومون م??اشي مفادن تي اخلاقي روايتن کي ترجيح ڏين ٿيون، ايراني قوم مشڪل حالتن ۾ به نظرين تي ٺاهه نه ٿي ڪري، ايراني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ايراني سئنيما کان پاڪستاني قو?? کي روشناس ڪرائينداسين، ايران ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون سان فلمون ٺاهيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اين سي اي ۾ ايراني فلم جي حوالي سان تقري?? کي خطاب ڪندي ڪيو.