پنڊداد خان – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سال 2019ع ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، 2020ع ترقي ۽ خوشحالي جو سال ??ون??و، وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن قوم کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، تبديلي ۽ سڌارن جي رستي ۾ سڀ کا?? وڏي رڪاوٽ اهڙيون مافيائون آهن جنهن جو مفاد پراڻي ۽ ڪرپٽ نظام سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي ئي وڌيڪ گوڙ ڪندا آهن، اس??ن جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه آهي، اسان ملڪ کي بهتر ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ڪرپٽ مافياز کي شڪست ڏيڻي آهي، ??ود?? جي والاريل ڪشمير ۽ هندوستان ۾ مسلمانن تي ظلمن جي خلاف اندر مان ماڻهو اٿي بيٺا آهن، عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت طرفان امڪاني واردات کان پهرين ئي دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پاڪست??ن جي هٿ??ار??ند فوج هر طرح جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن 117 ڪلوميٽر ڊگهي جلال پور ايريگيشن ڪينال جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.