اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ غير قانوني گهيراءُ ڪري ڪشميري عوام جا انساني حق پائمال ڪري ره??و آهي، ڀارت ??ي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشم??ر ۾ انساني الميو پيدا ڪري ڇڏ??و آهي، خو??اڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابطا به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسيان جي پارليامينٽ ميمبرن جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي صدر حاجي محمد اعظميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.