اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ـ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پڌرائيءَ مطابق سينيٽ چيئرمين ??يو ته پاڪستان جاپن سان پنهنجن ڀائرن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي ن??اه?? سان ڏسي ٿو، جاپان مستحڪم معاشي ملڪ آهي ۽ پاڪستان جاپان سان مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، صحت، صنعت ۽ پيداوار ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن 22ع جي ٻوڏ دوران جاپان حڪومت طرفان ڏنل امداد تي ٿورو مڃيو. پاڪستان ۽ جاپان و چ ۾ پارلي??ما??ي ۽ سفارتي لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين ??يو ته پارلي??ما??ي وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جي پارلي??ما??ي ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. سينيٽ جي چيئرمين ??يو ته پاڪستان ۽ جاپان معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي اداره جاتي مڪينزمز کي قائم ڪيو آهي. ان مڪينزمز تحت باقاعدگي سان رابطن ۽ ٻه طرفن لاڳاپان جو جائزو وٺڻ ۾ نظرثاني سان سيڙپڪاري، سياحت ۽ پارلي??ما??ي وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني ??يو ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ صرف 1.27 بلين ڊالرن جو گڏيل واپار ٿيندو آهي ۽ ڪيتريون ئي پاڪستاني ڪمپنيون جاپان جي هم منصبن سان گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون. سينيٽ چيئرمين ??يو ته پاڪستان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جي آءِ سي اي) جي پاڪستان سان ترقياتي تعاون کي قدر جي ن??اه?? سان ڏسن ٿا. جاپان جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. چيئرمين ملاقات ۾ افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو معاملو به اُٿاريو. سينيٽ چيئرمين ??يو ته پاڪستان هجرت ڪري آيل افغان پناهگيرن جي وطن واپسي به هڪ اهم مسئلو آهي، ان سلسلي ۾ جاپان به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن افغان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ۽ عوامي سطح تي رابطن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين جاپان جي سفير کي ٻُڌايو ته سينيٽ ۾ پاڪستان جاپان دوستي گروپ قائم ٿي چڪو آهي جيڪو پارلي??ما??ي رابطن ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ ??يو ته هي همٿائيندڙ ڳالهه آهي ته ٻئي ملڪ 2019ع ۾ ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرامن تي تعاون جا معاهدا ڪيا آهن. سينيٽ چيئرمين ??يو ته جاپان ۾ رهندڙ 25 هزار پاڪستاني جاپان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جاپان ۾ اسان جي ڪميونٽي گاڏين، ڪالين جو واپار ۽ هلال خوراڪ جي روانگي واپار سان ڳنڍيل آهن.