ڪوئيٽا- 20 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، قلعو عبدالله ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل ڪٽنب کي بچائڻ واري ايڪسويٽر ڊرائيور کي ??وڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن بلوچستان ريڊڪريسنٽ، بلوچستان چيپٽر جي چيئرمين ??لي خان اچڪزئي ۽ وائس چيئرمين موسيٰ جان اچڪزئي، بلوچستان جي وڏي وزير کي درخواست ??ئي ته قلعو عبدالله ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڪٽنب کي بچائڻ واري ايڪسويٽر ڊرائيور محب الله کي ??وڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي جنهن تي هن محب الله کي بهادري ۽ مهارت سان ڪٽنب کي بچائڻ تي هن لاءِ پي ڊي ايم اي ۾ ملازمت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.