اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد ??ن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پا??ستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وزير??عظ?? شيخ محمد ??ن راشد المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزير??عظ?? پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات جو ڀائ??چا??و زندهه آباد. گڏيل عرب امارات جي وزير??عظ?? آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پا??ستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳ??لڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.