اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته نو??وانن کي وسيلا مهيا ڪرڻ سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو ٿيندو، 10 لک شاگردن کي ٽيبليٽس ۽ سمارٽ فونز ڏينداسين، هواوي جي تعاون سان 3 لک نو??وانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي، هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اسڪالرشپ تي چين موڪليو ويندو، پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي جو جلد اعلان ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن نو??وانن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم دولت مشترڪه ايشيا يوٿ الائنس جي سيڪريٽريٽ، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، گرين يوٿ موومينٽ، اي آءِ فار يوٿ ۽ قومي رضاڪار ڪور جاري ڪرڻ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته اڄ اسان نو??وانن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، آزادي جو ڏهاڙو به اچي رهيو آهي، الله تعاليٰ عوام جي خدمت جو موقعو ڏنو، پنهنجي ليڊر نو??ز شريف جي قيادت ۾ عوام جي خدمت ڪئ??، ماضي ۾ پنجاب صوبي جي نو??وانن جي خدمت ڪئي، هاڻي پوري پاڪستان جي نو??وانن جو خادم بڻجي خدمت ڪندس. هن چيو ته نو??وان ئي ملڪ جي قسمت بدلائي سگهن ٿا، انهن نو??وانن کي موجوده دور جي گهرجن موجب جديد تع??يم جي زيور سان ليس ڪيو وڃ??، مصنوعي ذهانت دنيا ۾ سڀ کان جديد تع??يم جو هٿيار آهي، چين دنيا جو ٻيو وڏو ترقي يافته ملڪ آهي، هن جديد علم جي ذريعي ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪيو، جيڪڏهن اسان انهي رستي تي نو??وان نسل کي وسيلا فراهم ڪريون ته ملڪ ۾ نو??وان نسل خوشحالي جو اهڙو انقلاب آڻيندي جنهن سان آزادي جي ڏهاڙي جون گهرجون پوريون ٿينديون، اسان جي وڏن پاڪستان جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون، قائداعظم مح??د علي جناح جي عظيم ليڊرشپ ۾ ان خواب جي تعبير ملي ۽ هاڻي انهن نو??وانن کي ان جي تڪميل ڪرڻي آهي، نو??وانن کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن ۾ پٺتي پيل علائقن جي ٻارن تع??يم حاصل ڪئي، پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي، 77 سالن ۾ قرضن جا جبل بڻجي ويا، امير ۽ غريب جي زندگين ۾ وڏو فرق آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي مضبوط ارادي ۽ مح??ت سان اڳتي وڌڻو پوندو، اهي نو??وان وسيلا ملڻ تي ملڪ کي عظيم بڻائي سگهن ٿا. هن چيو ته اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 10 لک شاگردن کي ميرٽ ۽ شفافيت تي مفت سمارٽ فونز ڏنا ويندا ۽ ان کانسواءِ ليپ ٽاپس پڻ ڏنا ويندا، صوبا به نو??وانن جي لاءِ پروگرام هلائي رهيا آهن، هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تع??يم جي لاءِ چين موڪليو ويندو، انهن جي جديد ٽيڪنالاجي جي تع??يم حاصل ڪرڻ ملڪي ترقي جي لاءِ مددگار ٿيندو، هواوي سان گڏجي 3 لک ٻارن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي، ايس ايم ايز جي ذريعي نو??وانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي جو جلد اعلان ڪندس. هن چيو ته اسان کي ماضي مان سبق حاصل ڪري اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ جي تقدير کي بدلائڻو آهي، اسان جي مح??ت ڪڏهن به رائيگان نه ويندي. هن چيو ته قومي راند هاڪيءَ جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، ارشد نديم پاڪستان جو نالو بلند ڪيو، 40 سالن کانپوءِ پاڪستان کي سون جو تمغو مليو، مايوسي کي پٺتي وجهي روشنين طرف وڃڻو آهي، ڏينهن رات مح??ت سان پاڪستان عظيم بڻجندو. تقريب دوران وزيراعظم مح??د شهباز شريف آن لائين رجسٽريشن ڪرائي قومي رضاڪار ڪور جو رضڪار بڻجي ويو، وزيراعظم کي قومي رضاڪار ڪور جو بيج پڻ هنيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم قومي رضاڪار ڪور جي لاءِ لوگو ڊيزائن ڪندڙ اقصيٰ جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندڙ نو??وانن ۾ يوٿ ايوارڊز پڻ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ا??سن اقبال چيو ته اڄ نو??وانن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان عظيم قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ اسان کان پٺتي هئا، هاڻي اڳتي نڪري ويا، انهن ملڪن ترقي ڪئي، جتي سياسي استحڪام رهيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم مح??تي، ذهين ۽ ايماندار آه??، ملڪي ترقي جي لاءِ نو??وانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نو??وانن کي ارشد نديم جي زندگي مان سبق سکڻ گهرجي، ارشد نديم پنهنجي غربت کي پيرن جي زنجير بڻجڻ نه ڏنو، نو??وانن کي چوندس ته ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏين. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته اڄ تجديد عهد ۽ عزم جو ڏينهن آهي، اڄ جو ڏينهن نو??وانن کي هڪ پليٽ فارم ڏيڻ جو ڏينهن آهي، نو??وان ملڪي ترقي ۾ حصو وجهڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۽ نو??وانن جو رستو روڪڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف نو??وانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا، وزيراعظم پنجاب کانپوءِ سڄي ملڪ جي نو??وانن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، اسان جو عزم پاڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو آهي. هن چيو ته نو??وانن کي ڊيجيٽل جي جديد ترين تربيت ڏينداسين ۽ انهن ۾ ليپ ٽاپس ورهائي رهيا آهيون، شهباز شريف اسان جو رول ماڊل آهي، هو ڏينهن رات ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري ٿو، ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي قومي هاڪيءَ ٽيم جي ڪپتان شڪيل بٽ ۽ دانش اسڪول مان تع??يم حاصل ڪندڙ شاگردن وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيو.