اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پ?? پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل ج?? لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اها ڳا??هه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي طور ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ??ڏي?? قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن طرف ڇڪرايو ۽ ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پ??هنجي مستقبل ج?? پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.