اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل ??المي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي وقتي پرڏيهي و??ير علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي پرڏيهي و??ير تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل ??ي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ??سحاق ڊار پاڪستاني عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل ??ي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل ??المي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف آهي. ايراني وقتي پرڏيهي و??ير نائب وزيراعظم ??ان ان معاملي تي پرڏيه?? وزيرن يج سطح تي گهرايل او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب وزيراعظم ??و آءِ سي جي پرڏيه?? وزيرن جي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي. نائب وزيراعظم ??ن ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.