ڪراچي – 26 – جولائي (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري چ??و آهي ته بوهره ڪميونٽي پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ??دا ڪري رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??وهره ڪميونٽي جي سربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته بوهره ڪميونٽي پاڪستان جي معيشت ۽ ڪاروباري شعبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي. هن چيو ته بوهره ڪميونٽي جي تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون ساراهه جو??يو?? آهن. صدر سماجي خدمتن جي شعبي ۾ پاڪستان جي لاءِ سيدنا مفضل سيف الدين جي خدمتن کي ساراهيو.