آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ ر??ي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت، عوام جي سطح تي رابطن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ظاه?? ڪيو آهي ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي وچ ۾ قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون ??نظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم ۽ ازبڪستان جي صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ ر??ي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ازبڪستان خطي جي ملڪن جي لاءِ واپار جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٽرانزٽ پوائنٽ آهي. ٻنهي اڳواڻن ان حوالي سان دستياب مخت??ف آپشنز جي جانچ شروع ڪرڻ ت?? اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪراچي پورٽ کي ترمز سان ڳنڍڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ خوشحال وچ ايشيا ۽ وڌندڙ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظها?? ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان اعتماد جو اظها?? ڪيو ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي عملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جيڪو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصيدار ٿي سگهي ٿو، جي صورتحال ۽ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻنهي جي گڏيل عزم تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ازبڪستان– افغانستان– پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.