بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين سان پنهنجي دوستي تي فخر آهي، اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن ج?? گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وز??راعظم چيو ته اڄ وز??راعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن بشمول ٻطرفي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌندڙ ??عاون جي صورت ۾ سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي اسان ج?? گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ جي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي طرف وڌي رهيو آهي. ه?? چيو ته منهنجي حڪومت بابت سٺن تبصرن تي وز??راعظم لي ڪي ڪيانگ جو ٿورائتو آهيان، چيني وز??راعظم سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. وز??راعظم لي ڪي ڪيانگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ه?? چيو ته چين سان اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن ج?? گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي.