اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان ??هي، ??يڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ترقي ڪندو، سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، پينشن ريفارمز ??ي ڳالهه ٿي رهي آهي، ??اليانو خرچن جو وڏو حصو رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ نڪري ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت آهي ته حڪومتي سطح تي ٿيند?? سمورو ڪم عوام سان ??يئر ڪيو وڃي، ??نيادي ڍانچي ۾ سڌارا اسان ??ي ايجنڊا جو حصو آهن. معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ڳنڍيل هوندو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جو مطالبو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌايو وڃي، وزيراعظم ايف بي آر ۾ سڌ??رن جي ذميواري کنئي آهي، ??يف بي آر جي ريفارمز ??ي ايجنڊا ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو به آهي ته بجلي جي چوري کي روڪيو وڃي، ??ڌ??رن جي حوالي سان وزيراعظم سڀني کان ??يف بي آر جي بريفنگز ورتي آهي، 27 سؤ ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن. عدالتن ۾ التوا هيٺ ٽيڪس بابت ڪيسن تي فوري فيصلا ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ ٽيڪس ٽربيونل بابت پهريون قانون پاس ڪيو آهي، ??جلي چوري جي روڪٿا لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته معيشت جي بحاليءَ ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي.