اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي، سعودي ??يڙپڪارن جو پاڪستان جو دورو ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي ??رب سيڙپڪاري فورم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي عرصي وارين حڪمت عملين تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت کي هٿي ملندي. حڪومت ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي ??ڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته توانائي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ ان اهم شعبي ۾ سڌارا جاري آهن. هن چيو ته زراعت ۾ 5 ??يڪ??و اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ چانورن سميت وڏن فصلن جي سٺي پيداوار ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن سٺو رهيو، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ هلندڙ سال رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ??هانگائي گهٽجي 17 ??يڪ??و تائين اچي وئي آهي، ??اڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئرز به وڌي رهيا آهن. هن وزيراعظم ش??با?? شريف جي عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي ??رب جو اهو هڪ ڪامياب دورو هو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ??هڪار جون راهون وڌيڪ کلنديون. گذريل ٻن هفتن ۾ سعودي ??رب ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي نجڪاري طرف وڌي رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي پڻ نجڪاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سعودي ??رب ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ترقي ۾ شراڪتدار آهن ۽ اڄ سعودي ??رب جي سيڙپڪارن ۽ واپارين جو پاڪستان جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي.