اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سمورن ميمبرن کي پارليامينٽ ج?? وقار کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ 25 ڪ??وڙ عوام جي دانشگاهه آهي ۽ ان جي عز?? ۽ وقار اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پارليامينٽ جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. اسپيڪر چيو ته هائوس اندر جوتا ڏيکارڻ ۽ اڻوڻندڙ نعريبازي پارلياماني روايتن ۽ ??ول?? جي خلاف آهي. هن چيو ته پارلياماني اڳواڻن کي پنهنجي ميمبرن کي ان رويي کان روڪڻ گهرجي.