ڪراچي – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باني پاڪستان قائداعظم م??مد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب صدر آصف علي زرداري صدارتي عهدو سنڀالڻ ??انپوءِ مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. مزار قائد پهچڻ تي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري باني پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا ت??ثر پڻ لکيا.