اسلام آباد – 21 – نو??بر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته فارن مشنز جي اسٽاف کي هاڻي وقت تي ??گهارن جي ادا??يگ?? ڪئي پئي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقي دوران سينيٽر سيف الله ابڙو جي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته جمع ڪرايل آڊٽ پيرا ۾ 285 ملين رپين ۾ 93 ملين پرڏيهي ??زا??ت بابت هئا جن جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، آڊٽ اعتراضن جو مطلب ڪرپشن يا غبن ناهي هوندو، ان ۾ ملازمن ۽ آفيسرن جي علاج جي حوالي سان ڪجهه ڪاغذ به جمع ناهن ڪرايا ويندا. هن چيو ته آفيسرن کان ٿيندڙ ريڪوري معمولي نوعيت جي هوندي آهي، ان ۾ اڪثر ڪيسز آفيسرن ۽ اسٽاف بابت هوندا آهن جن ۾ ٽيليفون بل ۽ ٽي اي ڊي اي شامل هوندا آهن. نگران پرڏيهي وزير فارن مشنز جي اسٽاف جون پگهارون دير سان ملڻ جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پرڏيهي ناڻي ۾ گهٽتائي جي ڪري پگهارن جي ادا??يگ?? ۾ دير ٿي هئي پر هاڻي پگهار وقت تي ادا ڪيو پيو وڃي.