اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اس??ائيل پاران سنگين جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اس??ائيل هڪ اسپتال تي حملو ڪري سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي اس??ائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي مذ??ت ڪئي. صدر جو اس??ائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ معصوم جانين جي نقصا?? تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته اس??ائيل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري اس??ائيل کي ان جي جنگي ڏوه?? تي جوابده بڻائي ۽ اس??ائيلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي.