بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غر??ت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ را??طي جي فروغ لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ??ه پاڪستان ۽ سريلنڪا غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي جي ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر رانيل وڪرما سنگهي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ موجود مضبوط لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ هم آهنگي کي خوش آئنده قرار ڏنو. نگران وزيراعظم خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غر??ت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم امن ۽ استحڪام ۽ را??طن جي فروغ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا کي درپيش هڪ جهڙن معاشي چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن ان ڳالهه تي پڻ ??تف??ق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا عملدار ان حوالي سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندا جنهن ۾ خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري سرفهرست آهي. سريلنڪا جي صدر نگران وزيراعظم جا پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران سريلنڪا جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌائڻ تي ??تف??ق ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري طور تي اسرائيلي جارحيت جي خاتمي، غزه ۾ محصور ماڻهن ??ائين انساني مدد پهچائڻ جي لاءِ لنگهه قائم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جنهن ??حت 1967ع م مقرر ڪيل سرحدن سان هڪ فلسطيني رياست جنهن ??و گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جو مطالبو ڪيو.