اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعق?? ٿيندڙ عالمي تعاون جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم 18 آڪٽوبر تي ”هڪ کليل عالمي معيشت ۾ رابطي“ جي عنوان سان منعق?? ٿيندڙ اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدر شي جن پنگ ۽ سينيئر چيني ا??وا?? کانسواءِ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ ا??وا??ن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم چين ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهم چيني واپارين سان پڻ ملاقاتون ڪندو. هو چين جي سنڪيانگ خودمختيار علائقي ارومچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ مقامي ا??وا??ن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو جنهن جو مقصد واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري تقريبن جو حصو آهي جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي. نگران وزيراعظم چين ۾ پن??نجي مصروفيتن ۾ سي پيڪ جي اهم ڪ??مي??بين ۽ مستقبل جي ترجيحن تي روشني وجهندو ۽ ان جي اعليٰ معيار جي ترقي کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندو.