اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر به موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستا?? جي پٺتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستا?? جي ڏورانهن جلائق?? جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته پٺتي پيل علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن وا??گر ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ 2022ع جي شديد ترين ٻوڏ کان متاثر ماڻه?? جي مدد ۽ بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، متاثر علائقن ۾ جاري بحالي جي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن انتظامي مدد فراهم ڪندي. ناجي بن حسين وزيراعظم کي عالمي بئنڪ جي بلوچستا?? جي پٺتي پيل علائق?? جي ترقي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثري?? جي بحالي جي ڪمن ۽ جنيوا ۾ عالمي بئنڪ پاران ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي رقم جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو.