اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا کي خاطري ڪرائي آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي خلاف ورزي کي برداشت نه ڪيو ويندو، موجوده حڪومت جو مدو آگسٽ تائين آهي جنهن کانپوءِ هڪ نگران حڪومت ذميواري سنڀاليندي، مون کي يقين آهي ته اها پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي، چونڊن کانپوءِ عوام موجوده حڪومت کي ٻيهر چ??نڊيو ته آءِ ايم ايف ۽ ترقياتي حصيدارن جي م??د سان معيشت کي بهتر بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 3 ارب ڊالر جي تازو ئي ٿيندڙ اسٽينڊ بائي م??اهدي کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حمايت ۽ مدد تي سند?? ٿورا مڃيا. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر جي قيادت ۽ پيشيواراڻي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر غريبن جو احساس ڪيو آهي ۽ معاهدي جي لاءِ قابل قدر حمايت ڪئي. آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر چ??و ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي سامهون پاڪستان جي ڪيس کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو جڏهن ته آءِ ايم ايف بورڊ ماضي ۾ اعتماد جي کوٽ جي ڪري م??اهدي جي شرطن کي پورو ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم تي شڪ شبهن جو شڪار هو جڏهن ته وزيراعظم سان مسلسل رابطن جي روشني ۾ هن بورڊ کي يقين ڏياريو ته وزيراعظم شهباز شريف سان سندس ملاقاتون ٿيون آهن ۽ معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ سندس سنجيدگي نظر آئي آهي ان لاءِ پاڪستان پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هاڻي م??بوط حصيداري ۽ گڏيل اعتماد موجود آهي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو اهم ميمبر قرار ڏيندي هن پاڪستان جي م??د جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي وزيراعظم ايم ڊي جارجيوا جي م??بت سوچ ۽ پيرس ۾ ساڻس ملاقات دوران ان جي ڪارائتي تبصرن کي ساراهيو جنهن کانپوءِ آخرڪار ٻنهي ڌرين جي سخت محنت جي نتيجي ۾ اسٽينڊ بائي م??اهدي تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم يقين ڏياريو ته هو ان معاهدي جي خلاف ورزي کي برداشت نه ڪندو، موجوده حڪومت جو مدو آگسٽ تائين آهي جنهن کانپوءِ هڪ نگران حڪومت ذميواري سنڀاليندي، مون کي يقين آهي ته اها پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي، چونڊن کانپوءِ عوام موجوده حڪومت کي ٻيهر چ??نڊيو ته آءِ ايم ايف ۽ ترقياتي حصيدارن جي م??د سان معيشت کي بهتر بڻايو ويندو. وزيراعظم پاڪستان جي اعليٰ معيار جي انبن جو ذڪر ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر کي احترام ۽ تحسين جي جذبي طور پاڪستاني انبن جو تحفو موڪلڻ سندس لاءِ هڪ اعزاز هوندو.