اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ڊفينس ڊويزن جي 16 منصوبن جي لاءِ 3400 مل??ن رپيا رکيا ويا آهن، انهن ۾ 8 جاري ۽ 8 نوان منصوبا شامل آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ڊفينس ڊويزن پاران جاري اسڪيمن جي لاءِ 2112.56 مل??ن رپيا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 1287.43 مل??ن رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جاري اسڪيمن ۾ آءِ سي ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ايگريڪلچر سسٽم جي تياري جي لاءِ 190 مل??ن رپيا، نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ايوي ايشن سٽ?? پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ 853 مل??ن رپيا، نيشنل اسپٽيل ڊيٽا انفراسٽرڪچر جي قيام جي فزيبلٽي اسٽڊي جي لاءِ 60 مل??ن رپيا، انسٽيٽيوٽ آف انڪلوسيو ايجوڪيشن اسلام آباد جي قيام لاءِ 40.43 مل??ن رپيا، نيشنل يونيورسٽي اف پاڪستان اسلام آباد جي قيام لاءِ 223.55 مل??ن رپيا، اين آئي ايڇ ٽي سينٽر آف ايڪسي لينس فار پريونيٽو، ڪارڊيو ويسڪولر ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي لاءِ 170 مل??ن رپيا، نيشنل يونيورسٽي اف ميڊيڪل سائنس پاران اسلام اباد ۾ ميڊيڪل سٽ?? جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ (فيز 2) جي لاءِ 558.127 مل??ن رپيا ۽ خانپور ڊيم واٽر سورس (فيز 3) تي واٽر ڊسٽري بيوشن ني?? ورڪ جي لاءِ 17.45 مل??ن رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن سمورين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 880.500 مل??ن رپيا لڳايو ويو هو. ڊفينس ڊويزن جي جاري اسڪيمن ني?? جنريشن نيشنل جيوڊيٽڪ ڊيٽم آف پاڪستان جي قيام لاءِ 9 مل??ن رپيا، ايريل فوٽوگرافڪ سروي جي لاءِ جديد يو اي ويز (ڊرونز) جي خريداري جي لاءِ 272 مل??ن رپيا رکيا ويا آهن. نئين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 5179.61 مل??ن رپيا لڳايو ويو آهي جنهن ۾ 1522.614 مل??ن رپين جي غيرملڪي امداد شامل آهي.