اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سر??ار?? شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صنعت ۽ پيداوار واري ڊويزن جي لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سر??ار?? شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب هڪ هزار انڊسٽريل اسٽيچنگ يونٽس جي لاءِ 16 ڪروڙ 61 لک رپيا، بزنس اسڪلز ڊيولپمينٽ سينٽر فار وومين ڊي??ه اسماعيل خان جي لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا، انڊسٽريل ڊيزائننگ سينٽرز ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، نيشنل بزنس ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، پراڊڪٽ ڊيولپمينٽ سينٽر سيالڪوٽ جي لاءِ 4 ڪروڙ 58 لک رپين سمي?? ٻين منصوبن جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.